اسلام آباد – 19 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ابوظهبي پورٽس سان معاهدي کي لاڳو ڪرڻ ۾ هر قسم جي مدد فراهم ڪري ان مان ڀرپور لاڀ پرايو ويندو، ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ جديد مشينري سان بندرگاهه تي سامان ۽ ڪنٽينرز جي انتظام کي بهتر بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ابوظهبي پورٽس پاڪستان جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر خرم عزيز خان وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ابوظهبي پورٽس پاڪستان ڪراچي بندرگاهه ۾ ايندڙ 10 سالن دوران 250 ملين ڊالر جي سيڙپڪ??ري ڪندو، 130 ملين ڊالر جي سيڙپڪ??ري سان تعمير ٿيندڙ جديد ۽ سمورين ضروري سهولتن سان ليس گهڻ مقصد ٽرمينل ايندڙ ٻن سالن ۾ مڪمل ٿي ويندو. وفد وزيراعظم کي ڪراچي بندرگاهه تي ڪنٽينر ٽرمينل جي سهولتن ۾ بهتر?? جي لاءِ ڪمپن?? جي سيڙپڪ??ري تي تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪنٽينر ٽرمينل جي منصوبي ۾ ايڪس ڪنٽرول، خودڪار گيٽس، برٿ ۾ وڌيڪ 200 ميٽر جي توسيع، ڪرين ريل ٽريڪ ۽ ٻئي انفراسٽرڪچر جي تعمير شامل آهي، ٽرمينل تي نئين انفراسٽرڪچر جي تعمير سان هڪ لک 20 هزار ٽن تائين جا مال بردار جهاز لنگرانداز ٿي سگهندا جنهن سان بندرگاهه تي معاشي سرگرمين ۾ ا??اف?? ٿيندو. وزيراعظم چيو ته ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ جديد مشينري سان بندرگاهه تي سامان ۽ ڪنٽينرز جي انتظام کي بهتر ڪيو وڃي. هن هدايت ڪئي ته ڪنٽينرز جي نظام کي بهتر ڪري ڪليئرنس جي لاءِ گهربل وقت کي گهٽ کان گهٽ ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ابوظهبي پورٽس سان معاهدي جو مقصد شفافيت، صلاحيت ۾ ا??اف?? ۽ پورٽ آپريشنز جي بهتري آهي، ابوظهبي پورٽس سان معاهدي کي لاڳو ڪرڻ ۾ هر قسم جي معاونت فراهم ڪري ان مان ڀرپور فائدو کنيو ويندو. وزيراعظم ريلوي عملدارن کي منصوبي کي فعال بڻائڻ ۽ ٽرمينل تان سامان جي پهچ کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ مال بردار بوگين ۽ ضروري رولنگ اسٽاڪ جي فراهم?? جي پڻ هدايت ڪئي.