اسلام آباد – 08 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلوچستان عوامي پارٽي جي وفد خالد مگسي جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي ۽ ملڪي ۽ صوبائي سيا??ي صورتحال ??ي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفد وزيراعظم جي قيادت ۾ معيشت جي استحڪام ۽ عوام دوست بجيٽ تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وفد وزيراعظم جا بلوچستان جي ترقي ۾ خصوصي دلچسپي ۽ بلوچستان جي عوام جي لاءِ ترقياتي قدمن تي ٿورا مڃيا. ٻئي ??رف وزيراعظم محمد شهباز شريف سان نيشنل پ??رٽي جي وفد پڻ ملاقات ڪئي. وفد ۾ بلوچستان صوبائي اسيمبلي ميمبر رحمت صالح بلوچ ۽ اڳوڻو سينيٽر مير ڪبير محمد ساهي شامل هئا. ان موقعي تي صوبي جي سيا??ي صورتحال ??ي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.