ڪراچي – 23 – مئي (اي پي پي) وقتي صدر ۽ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڪرا??ي جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري پي آءِ اي جي ڪمرشل فلائيٽ وسيلي ملتان جي لاءِ روانو ٿي ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ڪرا??ي جي سرڪاري دوري دوران مزار قائد تي حاضري ڀري ۽ فاتحه خو??ني ڪئي. وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ڪرا??ي جي سرڪاري دوري دوران محترمه فاطمه جناح، قائد ملت لياقت علي خان ۽ نور امين جي مزارن تي پڻ فاتحه خو??ني ڪئي. ڪرا??ي جي سرڪاري دوري دوران وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان پڻ ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي.