اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته صنعتي ترقي ۽ روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ صنعتن کي گهٽ لاڳت تي بجلي ۽ گئس جي فراهمي يقيني بڻائينداسين، صنعتن کي سهولتو?? فراهم ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي، صنعتن جي فروغ ۽ ملڪ ۾ موجود پيداواري صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ?? قدم کنيا ويندا، بجلي ۽ گئس جي ٽيرف ريشنلائيزيشن جي لاءِ صنعتن سان مشاورت ڪئي وڃي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ صنعتي شعبي کي سهولتن جي فراهمي ج?? حوالي سان اهم اجلاس ڪالهه جمعي ڏينهن وزيرا??ظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيرا??ظم چيو ته صنعتي ترقي ۽ روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ صنعتن کي گهٽ لاڳت تي بجلي ۽ گئس جي فراهمي يقيني بڻائينداسين. هن هدايت ڪئي ته صنعتي شعبي کي درپيش مسئلن جو ترجيحي بنيادن تي حل ڳوليو وڃي. وزيرا??ظم برآمدي شعبي جي صنعتن جي لاءِ ٽيرف ريشنلائيزيسن ج?? حوالي سان حڪمت عملي فوري طور تي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته برآمدي شعبي جي صنعتن کي سهولتو?? فراهم ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي. وزيرا??ظم چيو ته صنعتن جي فروغ ۽ ملڪ ۾ موجود پيداواري صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ?? قدم کنيا ويندا. وزيرا??ظم هدايت ڪئي ته بجلي ۽ گئس جي ٽيرف ريشنلائيزيشن جي لاءِ صنعتن سان مشاورت ڪئي وڃي. اجلاس کي صنعتن ۽ گهريلو صارفين کي فراهم ڪئي ويندڙ بجلي جي اگهن ج?? حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ نائب وزيرا??ظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، پاور واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيرا??ظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.