اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته اسلامي تعاون تنظيم جي گيمبيا ۾ سربراهي ۽ پرڏيهي وزيرن جي اجلاس جي موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن ۽ پرڏيهي وزيرن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته او آء?? سي جي اجلاس ۾ پاڪستان مسلمان امت کي درپيش چئلينجز جو ??ڏيل حل ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏيندو. ترجمان ميڊيا کي گذريل هفتي سياسي معاملن بابت آمريڪي انڊر سيڪريٽري جان باس ۽ پرنسپل ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري ايلزبٿ هورسٽ جي پاڪستان جي دوري ۽ وقتي پرڏيهي سيڪريٽري رحيم حيات قريشي سان سندس ملاقات بابت ٻڌايو. ترجمان چيو ته ٻنهي ڌرين ٻطرفي تعاون جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، صحت، تعليم، زراعت ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبن سميت مختلف ڳالهين واري عمل جي ذريعي پائيدار م??غو??يت جي اهميت تي زور ڏنو. ترجمان چيو ته پاڪستان ٻطرفي تعاون ۽ افهام تفهيم کي وڌائڻ جي لاءِ آمريڪا سان رابطو جاري رکندو. هن چيو ته اسرائيلي قابض فوج عالمي قانونن جي خ??اف ورزي ڪندي اولهندي ڪناري ۾ غيرقانوني قدم جاري رکيا آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان اسرائيل پاران انساني حقن جي وڌندڙ خ??اف ورزين ۽ اولهندي ڪناري ۾ غيرقانوني اسرائيلي بستين جي وڌندڙ انگ جي شديد مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته اسرائيل جا قدم عالمي قانون جي خ??اف ورزي آهن، ان سان گڏوگڏ اهي انساني قانونن ۽ گڏيل قومن ۽ او آء?? سي جي قراردادن جي ابتڙ آهن. ترجمان چيو ته اهي ڪارروايون ٻه رياستي حل جي امڪانن کي پڻ نقصان پهچائين ٿيون. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها اسرائيل کي فلسطين ۾ ڪڌي ڏوهن جي ارتڪاب کان روڪڻ ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان فوري طور تي نمايان جنگبندي لاڳو ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪري ۽ اسرائيل تي زور ڏي ته هو غزه جو ??هيراءُ ختم ڪري، انساني امداد ۾ سهولت فراهم ڪري، شهرين کي تحفظ ۽ ڏوهارين کي گرفتار ڪري ۽ فلسطينين جي نسل ڪشيءَ تي جوابده بڻائ??. ت??جمان فلسطين جي عوام جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪندي 1967ع کان اڳ جي سرحدن ۽ القدس الشريف کي گادي واري شهر طور هڪ آزاد، قابل عمل ۽ لڳولڳ فلسطيني رياست قائم ڪرڻ تي زور ڏنو.