ڪراچي – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي صنعتن کي گئس ۽ بجلي جهڙي?? بنيادي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ ۽ لاڳاپيل عملدارن کي ڪاروباري ب??اد??ي جي مسئلن جو حل ڳولڻ جي هدايت ڪندي چيو آه?? ته ملڪي ترقي ڪاروباري ب??اد??ي جي ترقي سان واڳيل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چيئرمين بز??س مين گروپ محمد زبير موتي والا جي سربراهي ۾ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفد جي ميمبرن وزيراعظم کي پاڪستان ۾ ڪاروباري ب??اد??ي کي درپيش مختلف مسئلن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. وزيراعظم چيو ته م??ڪي ترقي ڪاروباري ب??اد??ي جي ترقي سان واڳيل آهي، ملڪ ۾ اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ لازمي آهي جنهن ۾ ڪاروباري ب??اد??ي کي پنهنجي ڪم ۾ آساني ميسر هجي. هن چيو ته م??ڪي واڌويجهه جي شرح ۾ خاطرخواهه اضافي جي لاءِ ضروري آه?? ته ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ٿئي. هن ملڪي صنعتن کي گئس ۽ بجلي جهڙي?? بنيادي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ ۽ لاڳاپيل عملدارن کي ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي نمائندن جي تعاون سانملڪي ڪاروباري ب??اد??ي جي مسئلن جي حل ڳولڻ جي هدايت ڪئي. وفد حڪومت جي ڪاروبار دوستي پاليسين جي ڪري ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج جي 72000 پوائنٽس جي بلند ترين سطح عبور ڪرڻ تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني. وفد وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پهريون ڀيرو اهڙو وزيراعظم ڏٺو جيڪو ٻيهر چونڊجڻ کانپوءِ ڪم اتان کان ئي شروع ڪري ٿو جتي ڇڏي ٿو ۽ ماضي ۾ کنيل قدمن تي عملدرآمد جي حڪمت عملي تي ڳالهه ڪري ٿو.