اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان چيو آه?? ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت ج??ري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ا??ان سرينگر جي جامع مسجد ۾ جمعته الوداع، شب قدر ۽ عيدالفطر جي نماز سميت اهم مذهبي تقريبن جي انعقاد تي پابندي جي ڀارتي عملدارن جي فيصلي تي پنهنجي گهري مايوسي جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته هي مسلسل پنجون سال آه?? جڏهن ان تاريخي مسجد ۾ عيد الفطر جي نماز ادا ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئ??۔ ترجمان چيو ته مذهبي اڳواڻن تي پابنديون هڻڻ ۽ ڪشميرين جي خصوصي مذهبي موقعن تي گڏ ٿيڻ کان روڪڻ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن جي مذهبي آزادي جي لاءِ هڪ سنگين چئلينج آه??. هن چيو ته ڪشميري عوام کي آزادي ??ان پنهنجي مذهب تي عمل ڪرڻ ۽ پرامن ميڙ جي حق جو احترام ڪرڻ گهرجي.