اسلام آباد– 09 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سيد يوسف رضا گيلاني کي سينيٽ چ??ئر??ين ۽ سيدال خان ناصر کي ڊپٽي ????ئر??ين سينيٽ چونڊجڻ تي مبارڪ??اد ڏني آهي ۽ انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته هو عوامي ڀلائي ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ موثر قانونسازي ۾ ڀر??ور ڪردار ادا ڪندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم نئين چونڊيل سينيٽ چ??ئر??ين ۽ ڊپٽي ????ئر??ين جي لاءِ پنهنجي مبارڪ??اد واري پيغام ۾ چيو ته سينيٽ جي چ??ئر??ين ۽ ڊپٽي ????ئر??ين جي چونڊ جمهوري ??مل تسلسل آهي، اميد آهي ته توهان آئين جي سربلندي ۽ ملڪي ترقي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته توهان عوامي ڀلائي ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ موثر قانونسازي ۾ ڀر??ور ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته وفاقي ڌرين جي مضبوطي ۽ جمهوري قدرن جي پاسداري جي لاءِ سينيٽ جو ڪردار تمام اهميت رکندڙ آهي.