اسلام آباد-12 مارچ (اي پي پي) سينيٽر اعظم نذير تارڙ باضابطه طور قانون ۽ انصاف واري وزارت جو عهدو سنڀالي ورتو. جاري ڪيل بيان موجب وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته آئيني ۽ قانوني سڌارا سندس ايجنڊا ۾ شامل آهن. وزيراعظم فوجداري ۽ ديواني معاملن ۾ انصاف جي فراهمي ۾ دير جو نوٽيس وٺندي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. قانوني عمل کي هموار ??رڻ تيز رفتار انصاف کي يقيني بنائڻ لاءِ فوجداري، سول مالياتي ۽ آئيني شعبن ۾ سڌارن جي ضرورت آهي. وزيراعظم 8 رڪني قانوني سڌارن جي ڪميٽ?? ٺاهڻ جي منظوري ڏني آهي. جنهن جي سربراهي سينيٽر اعظم نذير تارڙ ڪندو. ٻين ميمبرن ?? سينيٽر اسحاق ڊار، شاهد حامد، زاهد حامد، مخدوم علي خان، اٽارني جنرل آف پاڪستان، شهزاد شوڪت صدر، ايس سي بي اي پي، ۽ ايم آ?? محمد احسن ڀون، پي بي سي شامل آهن. سينيٽر اعظم نذير تارڙ قانون ۽ انصاف واري وزير طور نظام کي بهتر بنائڻ جي عزم کي ورجايو ۽ قانون جي حڪمرانيءَ کي برقرار رکڻ ۽ انصاف کي يقيني بنائڻ تي زور ڀريو.