اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مرزا مح??د آفريدي ا??لاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جي ايوان جي ڪارروائي ۾ حصو وٺڻ ۽ ان جي دلچسپي کي ساراهيو آهي. سينيٽ جي ا??لاس ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ايوان ۾ ڳالهائيندي چيو ته سڀاڻي وزيراعظم جي چونڊ ٿيڻي آهي جنهن کانپوءِ ڪميٽين جي نئين جوڙجڪ ٿيندي، ان لاءِ سوالن جوابن جي وقفي کي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪيو وڃي. ان مو??عي تي سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مرزا مح??د آفريدي چيو ته توهان پنهنجي وزارت جي عرصي دوران ايوان جي ڪارروائي ۾ ڀرپور حصو ورتو جنهن تي توهان جا ٿورائتا آهيون.