لاهور-08 فيبروري (اي پي پي)پنجاب جي صوبائي گادي واري هنڌ لاهور جي پولنگ ??سٽ??شنن تي مجموعي طور پولنگ جو عمل پرامن طريقي سان جاري رهيو، شهرين وڏي انگ ۾ پنهنجي ووٽ جو استعمال ڪيو، پولنگ ??سٽ??شنن ٻاهران عورتن، ٻارن جو وڏو انگ موجود هو، جڏهن ته ڪجهه پولنگ ??سٽ??شنن تي وڏي عمر جون عورتون ۽ مرد ويل چ??ئر تي ووٽ ڏيڻ آيا. خبر موجب لاهور جي مختلف علائقن ڪوئين ميري ڪاليج، ڳڙهي شاهو، ماڊل ٽائون، سنت نگر، اسلام پوره، گوالمنڊي، اڇهرا، مصري شاهه سميت ٻين علائقن ۾ پولنگ ??سٽ??شنن تي رش رهي، ان موقعي تي ووٽرز پنهنجا تاثر ڏيندي چيو ته اسان کي ووٽ وجهڻ ڪنهن به قسم جي تڪليف جو منهن نه ڏسڻو پيو، مختلف پولنگ ??سٽ??شنز جي پرزائيڊنگ آفيسرن ٻڌايو ته چونڊ عمل پرامن طور جاري رهيو، سول ۽ پوليس انتظاميه طرفان مڪمل سهڪار ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوار ۽ انهن جي پولنگ ايجنٽن جو به ڀرپور تعاون رهيو، اندروني شهر سميت شهر جي مختلف پولنگ ??سٽ??شنن ٻاهران مفاصلي تي قائم اميدوارن جي ڪيمپن ۾ انهن جا بينرز ۽ چونڊ نشان لڳ?? هئا، ان موقعي تي ڪنهن به قسم جي اڻوڻندڙ واقعي کي روڪڻ لاءِ سيڪيورٽي فورس جي اهلڪارن جا جٿا موجود هئا، ان کانسواءِ پنجاب ريسڪيو سروس 1122 جا اهلڪار به پنهنجي حفاظتي ڪٽس سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا هئا. ٻئي طرف شهر جي مختلف پولنگ ??سٽ??شنن تي اميدوارن طرفان لڳايل ڪيمپن ۾ ٻن پهرن جي ماني جو به بندوبست ڪيو ويو.