اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته جمهوريت ۽ سياسي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۾ نوجوانن جي شرڪت لازمي آهي، پنهنجي حڪومت جي ??ور ۾ پاڪستان جي بهترين مفاد ۾ فيصلا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، نگران حڪومت سمورين قياص آرائين جي باوجود چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪئي جيڪي 8 فيبروري تي ٿينديون. هڪ پوڊ ڪاسٽ دوران ڳالهائيندي هن چيو ته جمهوريت کي اڳتي وٺي وڃڻ جي لاءِ سياسي پارٽين جي قيادت جي چونڊ جمهوري انداز ۾ ٿيڻ گهرجي. پاڪستان ۾ جمهوريت جي تصور کي مختلف سببن ۽ سول ادارن جي ڍا??چي ۾ ڪمزورين جي ڪري ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. هن چيو ته افغا?? پناهگير ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پاڪستان ۾ رهيل آهن، پاڪستان افغانستان ۾ دوست حڪومت چ??هي ٿو جيئن خطي جي ٻين ملڪن جي خواهش آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ه?? پنهنجي حڪومت جي ??ور ۾ بلوچستان، آزاد ڪشمير، خي??رپختونخواهه، سنڌ ۽ بلوچستان جي تعليمي ادارن جي شاگردن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن سا?? پنهنجي خي??لن جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي موقف کي ٻڌو. هن چيو ته بلوچستان ۾ سرگرم دهشتگرد گروپن جو موقف اخلاقيات ۽ پاڪستان جي آئين ۽ قانونن جي خلاف آهي. هن چيو ته لکين نوجوان پاڪستان ۾ پنهنجو مستقبل ڏسن ٿا، اڪثر ماڻهن بهتر ملازمتن ۽ معاشي سببن جي ڪري پاڪستان ڇڏيو. جيڪي ماڻهو ٻاهرئين ملڪ مان پرڏيهي ناڻو موڪلين ٿا ??هي پاڪستان جو اثاثو آهن ۽ ??هي ملڪ جي معاشي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڪيترائي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي يورپ ۽ اتر آمريڪا ۾ پنهنجي زندگي گذارڻ کانپوءِ پاڪستان واپس اچڻ چاهين ٿا. مستقبل ۾ وڌيڪ ماڻهو پاڪستان واپس ايندا ڇو ته انهن کي اسلامي ۽ اوڀر قدرن سان لڳاءُ آهي. هن چيو ته ه?? پنهنجي ??ور ۾ پاڪستان جي بهترين مفاد ۾ فيصلا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته نگران وزيراعظم جو عهدو ڇڏڻ کانپوءِ هو سينيٽ آف پاڪستان ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ چاهيندو. هن چيو ته نگران حڪومت سمورين قياص آرائين جي باوجود چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪئي جيڪي 8 فيبروري تي ٿينديون.