ڊيووس – 17 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ سندس بيلجيئم جي هم م??صب اليگزينڊرڊي ڪرووني ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن تي گهري اطمينان جو اظهار ڪندي وا??ار?? سيڙپڪاري، عالمي چرپر ۽ لڏپلاڻ ۽ اعليٰ تعل??م ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊ??ا ونگ ??ار??ن جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورمس جي موقعي تي بيلجيئم جي وزيراعظم اليگزينڊرڊي ڪرووني ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ بيلجيئم جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جو ذڪر ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن تي گهري اطمينان جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ بيلجيئم جي وچ ۾ اعليٰ سطحي ڳالهه ٻولهه جي فروغ ۽ گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن خاص طور تي وا??ار?? سيڙپڪاري، عالمي چرپر ۽ لڏپلاڻ ۽ اعليٰ تعل??م ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ عالمي ۽ علائقائي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.