ڊيووس – 16 – جنوري (اي پي پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڱاري ڏينهن عالمي اقتصادي فورم (ڊبليو اي ايف) جي 54 هين سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ڊيووس پهچ??دو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگر??ن وزيراعظم ”عالمي تڪرارن جي دور کان بچاءُ“ جي موضوع تي عالمي اقتصادي فورم جي غيررسمي اجلاس ۾ شرڪت ڪ??دو. هن اجلاس ۾ دنيا جا ناليوارا پاليسي ساز، سيڙپڪار ۽ ڪاروباري اڳواڻ ۽ ماهر به شرڪت ڪندا. نگر??ن وزيراعظم ڊيووس ۾ ڊي پي ورلڊ ۽ جي ڊبليو انٽرنيشنل هولڊنگ جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪ??دو. نگر??ن وزيراعظم سان ايران جو پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ ڪارگل ڪمپني جو صدر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر برائن سائڪس به ملاقات ڪ??دو. نگر??ن وزيراعظم بعد ۾ عالمي اقتصادي فورم جي باني ڪلائوز ۽ هلڊي شواب پاران عالمي سياسي اڳواڻن، عالمي تنظيمن ۽ عالمي ڪاروباري ڪائونسل جي اڳواڻن ۽ اسٽريٽجڪ حصيدارن جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪ??دو.