اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وز??را??ظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نوجوان قوم جو مستق??ل آهن، نوجوانن جي ڀلائي حڪومت ج?? اولين ترجيح آهي، يوٿ پروگرام تحت قرضن جي ورڇ ۾ انتهائي ذميواري ۽ احتياط سان ڪم ورتو وڃي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وز??را??ظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ وز??را??ظم يوٿ پروگرام جي حوالي سان جائزه اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس کي وز??را??ظم يوٿ پروگرام جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي ايم اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام تحت 2013ع کان هيستائين 550000 ماڻهن کي تربيت ڏني وئي آهي، اڳئين مرحلي ۾ 56000 ماڻهن کي تربيت ڏني ويندي جنهن ۾ وڏو حصو هائي ٽيڪ اسڪلز جو هوندو. وڌيڪ اهو ته پي ايم ليپ ٽاپ اسڪيم تحت 2013ع کان جون 2023ع تائين 500000 ليپ ٽاپس نوجوانن ۾ ورهايا ويا، سال 2023ع ۾ هڪ لک ليپ ٽاپس نوجوانن کي ڏنا پيا وڃن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پي ايم يوٿ بزنس اينڊ ايگريڪلچر لون اسڪيم تحت 2013 – 2023ع تائين نوجوانن کي 100.7 بلين رپين جا آسان قرض ڏنا ويا جڏهن ته پي ايم ٽيلينٽ هنٽ اينڊ اسپورٽس ليگ تحت 83323 نوجوانن کي بيڊمنٽن، فٽبال، اسڪوائش، والي بال ۽ ٻين راندين ۾ موقعو ڏنو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي ايم يوٿ ڊيولپمينٽ پئڪيج 24 – 2023ع ۾ 80 بلين رپين جي اسڪيمز رکيون ويون آهن، انهن اسڪيمز ۾ ايجوڪيشن انڊومينٽ فنڊ، وومين امپاورمنٽ، بزنس اينڊ ايگريڪلچر لون ٽيوب ويل سولرائيزيشن، ليپ ٽاپس اسڪيم، اسپورٽس انڊومنٽ فنڊ، گرين ريولوشن، ڊيجيٽل هب ون ونڊو شامل آهن. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي نگران وز??را??ظم چيو ته نوجوان نسل قوم جو مستق??ل آهن، نوجوانن جي ڀلائي حڪومت ج?? اولين ترجيح آهي. هن هدايت ڪئي ته يوٿ پروگرام تحت قرضن جي ورڇ ۾ انتهائي ذميواري ۽ احتياط سان ڪم ورتو وڃي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته خيبرپختونخواهه جي نئين ضم ٿي?? ضلعن جي نوجوانن جي لاءِ پي ايم يوٿ اسڪيمز ۾ خصوصي اهميت ۽ ڌيان ڏنو وڃي. نگران وز??را??ظم چيو ته اسڪل ڊيولپمينٽ اسڪيمز جي حوالي سان اهڙي حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي جنهن سان گهربل نتيجا حاصل ڪرڻ ممڪن ٿي سگهي. نگران وز??را??ظم هدايت ڪئي ته اسڪل ڊيولپمينٽ جي حوالي سان ماسٽر ٽرينرز جي لاءِ پڻ تربيتي پروگرام شروع ڪيا وڃن ته جيئن انهن جي صلاحيت ۾ اضافو ٿي سگهي ۽ اهي ٻين ماڻهن کي معياري تربيت ڏئي سگهن. اجلاس ۾ نگران وز??را??ظم جي سياحت ۽ نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون سيد وصي شاهه ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.