اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نش??يات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته سڄي مُلڪ ۾ چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون، نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي پهرئين ڏينهن ڪيترائي نامزدگي ڪاغذ جمع ٿيا آهن، چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي يا خطرو نه آ??ي، اليڪشن ڪميشن ??نه??جي واعدي موجب اليڪشن شيڊيول جاري ڪيو ۽ سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي چونڊ مهم جي لاءِ 54 ڏينهن فراهم ڪيا آهن. نجي ٽي وي چينل ”نيوز ون“ جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اطلاعات، نش??يات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته جمهوريت ۾ گوڙ ۽ اختلاف راءِ هوندو آ??ي، مطالبو ڪرڻ ماڻهن جو حق آ??ي، اهو حق ملڪ جو آئين ڏي ٿو، ان حق کي کسي نه ٿو سگهجي، شڪايت ڪرڻ اسان جي سياسي ڪلچر جو حصو آ??ي، سياسي پارٽين کي دائري ۾ رهندي احتجاج جو حق حاصل آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ اهڙو ڪو خطرو نه آهي جو ملڪ جي اندر چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿئي، چونڊون ??نه??جي مقرر وقت 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون. هڪ سوال جي جواب هن چيو ته چونڊون ڪرائڻ جي آئيني ذميواري اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي آ??ي، اليڪشن ڪميشن پهرين ڏينهن کان ??نه??جي آئيني ۽ قانوني ذميواري ادا ڪري رهي آهي ۽ ??نه??جي واعدي موجب اليڪشن شيڊيول جاري ڪيو. اليڪشن ڪميشن سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي چونڊ عمل جي لاءِ 54 ڏينهن جي فراهمي يقيني بڻائي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان جا خراب ڏينهن تڏهن شروع ٿيندا جڏهن اسان ??نه??جي مقرر وقت کان اڳتي وڃون?? اسان آئين ۽ قانون تحت غيرجانبدار رهندي ??نه??جو ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون?? اسان اليڪشن ڪميشن جون ضرورتون پوريون ڪري رهيا آهيون، جنهن حالت ۾ اسان کي ملڪ مليو هو ان کان بهتر حالت ۾ اڳئين چونڊيل حڪومت کي ڏئي وينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اڄ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو پهريون ڏينهن هو، ڪيترائي نامزدگي ڪاغذ جمع به ٿيا، چونڊن جو عمل معمول موجب جاري آهي.