اسل??م آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد پاڪستان ٽيليويزن ڪوئيٽا سينٽر ??ي چيف ڪئميره مين احمد خان سولنگي ۽ ڪئميره مين ظفر علي جي روڊ حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي پي ٽي وي انتظاميا ۽ پونئيرن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته فوت ٿيندڙ ملازم پي ٽي وي جو قيمتي اثاثو هئا، الله تعال??ٰ مرحومن کي جنت ۾ اعل??ٰ مقام عطا فرمائي. اطلاعا?? واري وفاقي سيڪريٽري پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي پڻ دعا ڪئي.