ڪراچي – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان جي ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن جون پاڪستان جي لا??ِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، حڪومت معيشت کي دستاويزي بڻائڻ ۽ اداراجاتي سڌارن جي ايجنڊا ت?? عمل ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي ميمبرن ۽ پاڪستان جي ناليوارين ڪمپنين جي س??براهن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقا?? ۾ ??اڻي واري نگران وفاقي وزير ۽ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي چيئرپرسن ڊاڪٽر شمشاد اختر، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر فرخ خان، چيئرمين سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان عاڪف سعيد ۽ پاڪستان جي ٻين ناليوارين ڪمپنين جي س??براهن شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ سي اي او پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج نگران وزيراعظم جي خصوصي تي سندس ٿورا مڃيا ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج جي حوالي س??ن بريفنگ ڏني. ملاقا?? ۾ ??گران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته گذريل ڪجهه مهينن ۾ پاڪستان ۾ حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري جو اعتماد وڌيو آهي جنهن جي ڪري اڄ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رڪارڊ سطح تي ڪاروبار جاري اهي. ملاقات جي شرڪت ڪندڙن عالمي مالياتي اداري جي پروگرام جي حوالي س??ن حڪومت جي سنجيدگي ۽ اداراجاتي سڌارن جي قدمن کي پڻ ساراهيو. نگران وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته پاڪستان جي ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن جون پاڪستان جي لا??ِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. نگران وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن کي سهولت ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. نگران وزيراعظم تازو ئي قائم ڪيل خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ۽ ان جي پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي حوالي س??ن مثبت قدمن ۽ ان جي حوصلي جوڳي جي نتيجن تي پڻ روشني وڌي. نگران وزيراعظم وڌيڪ چيو ته حڪومت پنهنجي اداراجاتي سڌارن جي ايجنڊا ت?? عملدرآمد يقيني بڻائي رهي آهي. حڪومت معيشت کي دستاويزي بڻائڻ جي حوالي س??ن پڻ عملي قدم کڻي رهي آهي.