م??يل??- 06 ڊسمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) پاڪستان لاءِ 65 ڪروڙ 88 لک ڊالرن جي قرض جي منظوري ڏئ?? ڇڏي آ??ي. ??ي ڊي بي طرفان جاري پڌرائي موجب پاڪستان لاءِ 65 ڪروڙ 88 لک ڊالر قرض جي منظوري ڏني وئي آهي ۽ اها رقم ٽن مختلف منصوبن تي خرچ ڪئي ويندي. بئنڪ جو چوڻ آهي ته فنڊن ج?? فراهمي جو مقصد پائيدار معاشي ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ آهي. هي مقامي وسيلا وڌائڻ ۽ ٻوڏ سبب تباهه ٿيل اسڪولن جي بحالي تي خرچ ٿيندا، انهن فنڊن سان غذائي تحفظ لاءِ زرعي پيداوار ۾ اضافو ۽ پاڪستان کي تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب پيدا ٿيل بحران مان نڪرڻ ۾ مدد ملندي. پڌرائي موجب اي ڊي بي جو مقصد پاڪستان جي معاشي صورتحال ۾ بهتري ۽ عوام جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ آهي، ان مان 30 ڪروڙ ڊالر مقامي وسيلا وڌائڻ لاءِ پاليسي سڌارن تي خرچ ڪيا ويندا. اي ڊي بي جو چوڻ آهي ته پروگرام جو مقصد ٽيڪس، انتظامي معاملا، مينيجمينٽ جا خرچ ۽ سيڙپڪاري ۾ بهتري آڻڻ آ??ي. ??يشيائي ترقياتي بئنڪ جي ايشيا بابت ڊائريڪٽر جنرل يوگيني زوڪوف چ??و ته فنانسنگ جي هي اهم نئين لهر پاڪستان کي گذريل سال جي بحران ۽ سپر فلڊ جي اثرن مان نڪرڻ ۽ ڊگهي مدي واري ترقي جي راهه تي واپس آڻڻ ۾ مدد ڏيندي.