تاشقند – 10 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڀارت جي ڌيان نه ڏيڻ جي باوجود پا??ست??ن پنهنجي ۽ خطي جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ تاپي گئس پائيپ لائين منصوبو مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، پاڪ ڀارت لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي لاءِ ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪرڻو پوندو، غزه ۾ ٿيندڙ تباهي جا اثر خطي ۽ ان کان ٻاهر تائين پکڙجڻ جي نتيجن کان خبردار رهندي اتي فوري جنگبندي تي زور ڏنو آهي. تاشقند ۾ اقتصادي تعاون تنظيم جي 16 هين سربراهي اجلاس جي موقعي تي خابرو اداري اناطوليه کي خصوصي انٽرويو ۾ هن چيو ته خطي ۾ هڪ کليل انساني الميو نظر اچي رهيو آهي ۽ ان جا اثر نه رڳو خطي تي پر شايد خطي کان ٻاهر به پوندا. هن غزه ۾ جنگ جي فوري خاتمي تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم خوراڪ، دوائن ۽ ٻين ضروري شين جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ انساني لنگهه قائم ڪرڻ جو مط??لب?? به ڪيو آهي. هن چيو ته پا??ست??ن اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي ايندڙ خصوصي اجلاس ۾ شرڪت جو منتظر آهي. او آءِ سي کي غزه جي صورتحال تي غور ڪرڻ گهرجي ۽ اجتماعي ردعمل ظاهر ڪرڻ گهرجي. بنا دستاويزن جي رهندڙ افغان پناهگيرن کي واپس موڪلڻ جي پا??ست??ن جي قدم جو دفاع ڪندي هن چيو ته سندس ملڪ اهو فيصلو ٿوري دير سان ڪيو پر اسان سرحد تي اچ وڃ کي منظم بڻائڻ جي لاءِ تمام گهڻو پرعزم آهيون. هن چيو ته دنيا ۾ ڪٿي به ۽ ڪنهن به ملڪ پاران غيرقانوني اميگريشن جي حوصلا افزائي نه ڪئي وئي آهي ته پا??ست??ن سان خصوصي طور تي اهو سلوڪ ڇو ڪيو وڃي ٿو ته هو غيردستاويز افغان شهرين سان ٻئي نموني جو سلوڪ ڪري. هر ملڪ ٻين ملڪن جي شهرين جي منظم اچ وڃ چاهيندو آهي، ڊگهي مدي ۾ اهو افغان شهرين ۽ پا??ست??نين جي بهترين مفاد ۾ هوندو ته ٻي دنيا وانگر معمول موجب منظم اچ وڃ ٿئي. ترڪيه ۽ پا??ست??ن جي وچ ۾ ٻط??في لاڳاپن کي شاندار قرار ڏيندي هن ترڪيه ۽ پا??ست??ن جي وچ ۾ رابطي ۽ تعاون کي وڌائڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته واپار، زراعت ۽ دفاع جهڙا ڪيترائي شعبا آهن جن ۾ لاڳاپن کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو ۽ ڪجهه لنگهن کي ترقي ڏئي ترڪيه، پا??ست??ن ۽ ايران جي وچ ۾ رابطن کي بحال ڪري سهگجي ٿو جيڪو سڀني قومن ۽ سڄي خطي کي ڪيترائي موقعا فراهم ڪندو. ترڪ??ان??تان، افغانستان، پا??ست??ن ۽ انڊيا (تاپي) جيڪو اربين ڊالر جو توانائي ڪوريڊور آهي بابت نگران وزيراعظم چيو ته ڀارت پاران مبينا عدم دلچسپي جي ڪري پا??ست??ن جو ڌيان ڊگهي عرصي کان التوا هيٺ منصوبن مان فائدو حاصل ڪرڻ تي مرڪوز آهي. تاپي جي حوالي سان ترڪ??ان??تان، افغانستان ۽ پا??ست??ن پاران ڪافي جوش خروش ڏٺو وڃي ٿو، اهو ڀارتي معيشت کي توانائي جي سستي ۽ پائيدار فراهمي کي يقيني بڻائي سگهي ٿو پر جيڪڏهن هو انهن سڀني انتظامن جي فائدي کان ٻاهر رهڻ جي چونڊ ڪري ٿو ته هو هاڻي به ائين ڪري سگهن ٿا پر منهنجو خيال آهي ته ڀارت سان يا ان کانسواءِ ترڪ??ان??تان جي گئس کي هن خطي جي معاشي فائدا حاصل ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو ۽ اسان ان هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ تمام وڌيڪ ڌيان ڏئي رهيا آهيون. 7 ارب ڊالر جي ان منصوبي جو مقصد ترڪ??ان??تان جي گلڪنيش ۽ لاڳاپيل گئس فيلڊز مان قدرتي گئس افغانستان، پا??ست??ن ۽ ڀارت تائين پهچائڻ آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ ان منصوبي ۾ سهولتون ۽ تعاون فراهم ڪري رهي آهي جنهن ۾ 56 انچ قطر جي 1680 ڪلوميٽر (هڪ هزار 44 ميل) پائيپ لائين وڇائڻ جي تجويز آهي جنهن جي ڊيزائن جي گنجائش 33 ارب مڪعب ميٽر ساليانو قدرتي گئس ترڪ??ان??تان کان افغانستان ۽ پا??ست??ن جي رستي پاڪ ڀارت سرحد تائين پهچائي ويندي. پراڻي حريف ڀارت سان پا??ست??ن جي پراڻن ڇڪتاڻ وارن لاڳاپن بابت ڳالهائيندي نگران وزيراعظم ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته 2 ائٽمي هٿيارن سان ليس پاڙيسرين جي وچ ۾ لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي لاءِ ڪشمير جي تڪرار کي حل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ڪشمير ڀارت ۽ پا??ست??ن جي وچ ۾ هڪ حل طلب مسئلو آهي. پا??ست??ن جو روايتي موقف آهي ته ان کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ٿيڻ گهرجي. ڪشميرين کي پنهنجي مستقبل، پنهنجي تقدير جو تعين ڪرڻ جو پورو حق حاصل آهي ۽ پا??ست??ن سدائين سفارتي ۽ سياسي طور تي ان جي ان موقف جي حمايت ڪندو، جيڪڏهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي معمول تي آڻڻو آهي ته ڪشمير مسئلي کي حل ڪرڻو پوندو. ڪڏهن ۽ ڪيئن لاڳاپن کي معمول تي آڻي سگهجي ٿو ان جو جواب ڳولڻ يقيني طور تي معاشري جي هر طبقي بشمول قيادت، دانشورن، ڪاروباري ماڻهن ۽ ٻنهي ملڪن جي سول سوسائٽي جي لاءِ هڪ چئلينج آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن خطي کي گڏيل طور تي هڪ ٻئي کان فائدو وٺڻو آهي ته ان کي معمول تي آڻڻو پوندو. هن چيو ته هو هڪ پراميد انسان آهي ۽ جڏهن به مشڪل حالتون هونديُون آهن ته کيس سدائين هڪ اميد رهندي آهي ۽ ائين ئي ڀارت ۽ پا??ست??ن جي لاڳاپن بابت به آهي. اسان 3 جنگيون وڙهيون آهن پر ڇا 2 ارب جي آبادي سدائين جي لاءِ جنگ جي حالت ۾ رهي سگهي ٿي؟.