اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي)قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ڄمون جي ش??يدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ڪشميري عوام جي اُمنگن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن مطابق ڪشمير مسئلو ٿ??ند?? ۽ ڄمون جي ش??يدن جون قربانيون رنگ لائ??ند??ون. ڄمون جي ش??يدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڄمون جي ش??يدن جي قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪريان ٿو. 6 نومبر 1947ع تي غاصب ڀارتي فورسز ۽ ڊوگرا راج هٿين خالي ڪشميرين کي ش??يد ڪيو. انشاءَ الله ڄمون جي ش??يدن جون قربانيون رنگ لائ??ند??ون ۽ ڪشمير مسئلو حل ٿ??ند??. ڀارت والاريل ڪشمير ۾ آباديءَ جي تناسب ۽ جاگرافيائي حيثيت کي بدلائڻ لاءِ مڪروه ڪوششون ڪيون. هن چيو ته ڀارتي فورس آباديءَ جي تناسب کي بدلڻ لاءِ لکين ڪشميري مسلمانن کي ش??يد ڪيو. ڀارت جي ڪشمير ۾ مسلمانن جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش اڳ به ناڪام ٿي ۽ آئ??ند?? به ناڪام ٿ??ند??. پاڪستان ڪشميري عوام جي حق خوداراديت واري مؤقف جي حم??يت جاري رکندو. ڪشمير ۽ فلسطين مسئلي کي حل ڪرڻ کانسواءِ دنيا ۾ پائيدار امن جو قيام ممڪن ناهي. اسپيڪر چيو ته عالمي برادري ڪشمير ۽ فلسطين ۾ انسانين حقن جون پائمالين جو نوٽيس وٺي ۽ ان جي حل لاءِ ٺوس قدم کڻي.