نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پر??يه?? وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته علائقائي امن کي يقيني بڻائڻ ۽ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ هٿيارن جي غيرضروري ڊوڙ جي خاتمي لاءِ ڄمون ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملد??آم?? تمام گهڻو ضروري آهي. نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي ”الجزيره“ ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ نگران پر??يه?? وزير چيو ته انهن قراردادن تي عملد??آم?? نه ٿيڻ سان ??طي جي امن تي سڌوسنئون اثر پئجي رهيو آهي. ان کانسواءِ پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي جي ترقي ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي علائقائي تعاون تنظيم (سارڪ) پڻ متاثر ٿي رهي آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي ڏس ۾ ڪشمير پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ سڀ کان ??هم ۽ بنيادي مسئلو آهي جنهن ۾ ڪشميرين جي امنگن موجب غيرجانبدراڻي ريفرنڊم جو مطالبو ڪيو ويو آهي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته قراردادن کي 70 سال اڳ منظور ٿيڻ جي باوجود انهن تي عملد??آم?? نه ٿيو. هن نشاندهي ڪئي ته ڪشمير گهيراءُ ۾ آهي ۽ واديءَ ۾ 7 لک کان وڌيڪ ڀارتي فوجي مقرر آهن، والاريل ڪشمير ۾ ماڻهن کي انساني حقن جون بدترين سنگين خلاف ورزيون درپيش آهن. ڪشمير کي انساني جيل قرار ڏيندي هن چيو ته ماڻهن کي انهن جي منصفاڻي حقن کان محروم ڪيو پيو وڃي ۽ ڪشميري اڳواڻن کي ڀارت نظربند ڪري رکيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ان ??ڪرار تي جنگيون وڙهي چڪا آهن ۽ اهو مسلسل ڇڪتاڻ جو سبب آهي. نگران پر??يه?? وزير چيو ته اها گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ذميواري آهي ته اها پنهنجي قراردادن تي عملد??آم?? کي يقيني بڻائي جيڪي ڊگهي عرصي کان ??لتوا جو شڪار آهن. اهو پڇڻ تي ته ڇا ڪشمير جي آزمائش جي فلسطين سان ڀيٽ ڪري سگهجي ٿي، هن چيو ته ٻنهي کي انصاف کان ??نڪار کي منهن ڏيڻو پيو. هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ او آءِ سي جي فلسطين بابت رابطا گروپ جي اجلاس ۾ شرڪت جو ذڪر ڪيو جتي هن فلسطين جي عوام سان پاڪستان ??ي مڪمل ??ڪج??تي جو اظهار ڪيو. هن ڪشمير ۽ فلسطين بابت گڏيل قومن جي قراردادن تي جلد عملد??آم?? تي زور ڏنو. موسمياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن بابت ڳالهه ڪندي هن چيو ته اهو پاڪستان ??ي لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي ڇو ته اهو 10 سڀ کان وڌيڪ منفي طور تي متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. هن گذريل سال پاڪستان کي ٿيندڙ وڏي نقصان ??و ذڪر ڪيو جنهن ۾ فصل، چوپائي مال ۽ بنيادي ڍانچي کي پهچندڙ نقصان کانسواءِ 30 ملين ماڻهو متاثر ٿيا هئا. نگران پر??يه?? وزير جليل عباس جيلاني چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل موسمياتي تباهي کانپوءِ انتهائي مددگار ڪردار ادا ڪيو ۽ پاڪستان ??ي لاءِ جنيوا ۾ ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي ان ??ا ٿورا مڃيا.