ڪوئيٽا – 25 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ بلوچستان جي ٽن ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو. نگران وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ بلوچستان جو هي پهريون دورو آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جو ڪوئيٽا ايئرپورٽ پهچڻ تي ??لوچستان جي نگران وڏي وزير علي مردان ڊومڪي، چيف سيڪريٽري شڪيل قادر خان ۽ آءِ جي پوليس عبدالخالق ش??خ استقبال ڪيو. نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي ۽ مو??صل??ت وارو نگران وفاقي وزير شاهد تارڙ ۽ ٻيا پڻ نگران وزيراعظم سان گڏ هئا.