اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ميڊيا جي ڪجهه حصن ۽ ڊان ا??با?? ۾ شايع ٿي??دڙ رپورٽس ۽ قياس آرائين جي ابتڙ وزيراعظم محمد شهباز شريف اڃان تائين نگران وزيراعظم جي لاءِ ڪنهن اميدوار کي چونڊيو يا رد ناهي ڪيو، نگران وزيراعظم جي مقرري آئين ۾ طئي ٿيل طر??قيڪار موجب ڪئي ويندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف موزون ت??ين اميدوار جي لاءِ حڪومت ۾ شامل سمو??ين اتحادي پارٽين سان مشاورت ۽ مسلم ليگ (ن) جي قائد محمد نواز شريف کان رهنمائي وٺندو. هن چيو ته اتحادين سان مشاورت کانپوءِ وزيراعظم ان معاملي تي آئين موجب فيصلي جي لاءِ مخالف ڌر اڳواڻ سان مشاورت ڪندو.