اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ??ين جي صدر شي جن پنگ جي خصوصي نمائندي، ??ين جي نائب وزيراعظم ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي سينٽرل ڪميٽي جي پولٽ بيورو جي ميمبر هي لي فينگ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ??ين جي لاڳاپن جي ڪيترن ئي رخن، بشمول پاڪ ??ين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) ۽ ٻطرفي اقتصادي ۽ مالياتي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ين جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ جو وزيراعظم هائوس پهچڻ تي گرمجوشي سان استقبال ڪيو. وزيراعظم هي لي فينگ کي مارچ ۾ ??ين جي نائب وزيراعظم جي عهدي تي مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته ??ين پاڪستان ۾ 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ پاڪستان کي درپيش موجوده معاشي چئلينجز خاص طور تي آءِ ايم ايف سان معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جهڙن مشڪل وقتن ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيو. ??ين جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ پاڪستان ۽ ??ين جي اسٽريٽجڪ حصيداري ۽ دوستي ۽ ڀائيچاري تي ٻڌل لاڳاپن کي اجاگر ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ حصيداري ۾ توسيع تي زور ڏنو. هن پاڪستان جي معاشي ۽ اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي ۾ ??ين جي مستقل تعاون جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن پاڪ ??ين اقتصادي لنگهه منصوبي جي پاڪستان ۽ ??ين جي گڏيل معاشي ۽ اقتصادي ترقي ۾ مرڪزيت تي زور ڏنو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪ ??ين اقتصادي لنگهه منصوبي جي 10 سالا سالگرهه ان منصوبي کي نئين سر توسيع ڏيڻ جو هڪ سنهري موقعو آهي. ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ين کي زرعي روانگي واپار وڌائڻ ۾ پاڪستان جي دلچسپي کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان ۽ ??ين جي وچ ۾ زرعي، صنعتي ۽ مواصلاتي سميت ٻين شعبن ۾ مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن علائقائي مسئلن ۽ پنهنجي قومي مفادن جي تحفظ تي هڪ ٻئي جي حمايت جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻئي طرف وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني نائب وزيراعظم هي لي فينگ جي مان ۾ مانجهاندي جو پڻ اهتمام ڪيو. چيني وفد ۾ چيني اسٽيٽ ڪائونسل جو ڊپٽي سيڪريٽري جنرل گووي، چيني نائب پرڏيهي وزير سن وي ڊونگ، نائب چيئرمين نيشنل ڊيولپمينٽ اينڊ ريفارم ڪميشن ڪونگ ليانگ، پيپلز بئنڪ آف چائنا جي ڊپٽي گورنر زوان چينگنينگ ۽ وانگ ڪيبنگ، چيني واپار واري وزارت جي ايشيائي معامل?? واري شعبي ج?? ڊائريڪٽر جنرل وانگ ليپنگ، پاڪستان ۾ ??ين جي سف??رت??اني جي چارج ڊي افيئرز پانگ چنشوئي ۽ ٻيا اعليٰ چيني آفيسر شامل هئا. پاڪستاني وفد ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، ريلوي ۽ هوابازي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، پرڏيهي معامل?? واري مملڪتي وزير حنا رباني کر، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ مختلف وزارتن مان ٻيا اعليٰ آفيسر شامل هئا.