اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين جي نائب وزيراعظم ۽ وفد جو پاڪستان اچڻ تي گر??جو??ي سان استقبال ڪرڻ تي خوشي ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته هي لي فينگ ۽ سندس وفد سي پيڪ جي 10 هين سالگرهه جي تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم چيو ته چين جو اعليٰ سطحي ??فد گيم چينجر منصوبي تحت ٿيندڙ اڳڀرائي جو پڻ مشاهدو ڪندو.