اسلام آ??اد – 14 – جون (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي دعوت تي پنهنجي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي باڪو آذربائيجان پهچي ويو آهي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب باڪو پهچڻ تي آذربائيجان جي اول نائب وزير??عظ?? يعقوب ايوبوف، نائب پرڏيهي وزير النور مامادوف، پاڪستان ۾ آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف ۽ آذربائيجان ۾ پاڪستان جي سفير بلال حئي وزير??عظ?? جو شاندار استقبال ڪيو. وزير??عظ?? جو وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ آذربائيجان جو هي پهريون دورو آهي. وزير??عظ?? سڀاڻي (15 جون 2023ع) تي باڪو ۾ آذربائيجان جي قومي قائد حيدر عليوف جي مزار تي ويندو ۽ گلدستو رکندو. وزير??عظ?? آذربائيجان جي ش??يد?? جي يادگار جو پڻ دورو ڪندو. بعد ۾ وزير??عظ?? جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ٿيندي. ملاقات کانپوءِ ٻئي اڳواڻ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندا. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ وزير??عظ?? سان آذربائيجان جي وزيرن جي وف?? جي ملاقات پڻ ٿيندي. اي پي پي/ع – ک 22:49