مڪو شريف- 28 جون (اي پ?? پي) مناسڪ حج جي ادائيگي دوران جمرات ۾ وڏي شيطان کي پ??ريون هڻڻ ۽ قرباني ڪرڻ ک??نپ??ءِ حاجي سڳورا احرام جي حالت کان ٻاهر اچي ويا. بيت الله شريف جو طواف زيارت، ايندڙ ٽي ڏينهن منيٰ ۾ قيام ۽ شيطان کي پ??ريون هڻڻ ک??نپ??ءِ مناسڪ حج جو عمل مڪمل ٿي ويندو. عرفات جي ميدان جي مسجد نمره کان حج جو خطبو ٻڌڻ ۽ رڪن اعظم وقوف عرفه ک??نپ??ءِ هڪ لک 70 هزار کان وڌيڪ پاڪستانين سميت سڄي دنيا مان لکين حج پانڌيئڙا مزدلفه پهچي رات کليل آسمان هيٺ گذ??ري. مزدلفه ۾ فجر جي نماز ادا ڪرڻ ۽ سج لٿي مهل واپس منيٰ ۾ پنهنجي خيمن ۾ پهتا جتي پ??رين ڏينهن هنن وڏي شيطان کي پ??ريون هڻڻ ۽ قرباني ک??نپ??ءِ وار ڪٽرايا ۽ احرام جي حالت کان ٻاهر اچي ويا. حاجي سڳورا وڌيڪ ٽن ڏينهن تائين منيٰ ۾ رهندا. بيت الله جي طواف جي زيارت ۽ ٽنهي شيطانن کي پ??ريون هڻڻ ک??نپ??ءِ مناسڪ حج مڪمل ٿي ويندو، ٻئي پاسي سعودي عرب ۽ نار وارن ملڪن ۾ عيدالاضحيٰ عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي ۾ عيد نماز جي موقعي تي روح پرور مناظر ڏٺا ويا. ان موقعي تي مسلمان امت جي سربلندي، پاڪستان جي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصعي دعائون گهريون ويون.