اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي ملڪ لاءِ خدمتن ۽ قربانين تي انهن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پاڪ فوج جي شهيدن جي پونئيرن کي ٽيليفون ڪري انهن س??ن افسوس جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي 28 اپريل تي لڪي مروت ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي ??وا??ن جي وارثن س??ن فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر نائب صوبيدار تاج مير، حوالدار ذاڪر احمد ۽ سپاهي عابد حسين جي پونئيرن س??ن ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر شهيدن جي فرض سان محبت ۽ وطن س??ن محبت تي انهن کي سلام پيش ڪيو. هن قوم پاران شهيدن جي خاندانن جا ??ورا مڃيا. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪندي پونئيرن س??ن همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.