لنڊن – 05 – مئي (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف دولت مشترڪه جي اڳواڻن تي زور ڏنو ??هي ته اهي تنظيم کي سگهه ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، دولت مشترڪه جي ملڪن جي وچ ۾ هم آهنگي ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن گڏيل ترقي جو خ??اب پورو ٿي سگهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب وز??راعظم لنڊن ۾ دولت مشترڪه جي اڳواڻن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي پنهنجي خطاب دوران وز??راعظم چيو ته بادشاهه چارلس ٽي جي تاج پو??ي هڪ نئين دور جي شروعات آهي. وز??راعظم اڳواڻن تي زور ڏنو ??ه اهي دولت مشترڪه تنظيم کي سگهه ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته دولت مشترڪه جي ملڪن جي وچ ۾ هم آهنگي ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن گڏيل ترقي جو خ??اب پورو ٿي سگهي. وز??راعظم پاڪستاني نوجوانن ۽ هنرمندن کي ب??ترين موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم جو پڻ ذڪر ڪيو. هن چيو ته ان جي حڪومت عورتن ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائي رهي آهي ۽ پٺتي پيل طبقو جهڙوڪ مذهبي ۽ نسلي اقليتن، معذور ماڻهن ۽ ٽرانسجينڊر ڪميونٽي کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻي رهي آهي.