اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان کي پوليو جهڙي موذي مرض کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ حڪومت پرعزم آهي، پاڪستا?? جي مستقبل کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ تائين ذاتي نگراني سان پنهنجون ڪوششون جاري ??کنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان روٽري فائونڊيش?? جي وفد انٽرنيشنل پوليو پلس ڪميٽي جي سربراهه مائيڪ ميڪ – گور?? جي قيادت ۾ ملاقات ??ئي. ملاقات ۾ روٽري ??ي عهديدارن عزيز ميمڻ، فيض ڪنڊوائي، عدنان روحيلا ۽ لاڳاپيل وزارت?? جي اعليٰ عملدارن شرڪت ??ئي. وزيراعظم چيو ته پوليو جي خاتمي لاءِ روٽري ??نٽرنيشنل ۽ بل ۽ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. حڪومت پوليو جي خاتمي جي ورڪر?? جي سيڪيورٽي يقيني بڻائي رهي آهي. وزيراعظم 2022ع جي ٻوڏ متاثري?? جي لاءِ روٽري ??نٽرنيشنل پاران رهائشي منصوب?? جي قيام جي پذيرائي ??ئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي پوليو جي ايندڙ مهم جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ??ئي. ملاقات ۾ وزيراعظم ٻڌايو ته روٽري ??نٽرنيشنل ۽ پوليو جي خاتمي لاءِ مهم جي لاءِ ٻين حصيدارن به هلندڙ سال هڪ ڪروڙ 50 لک ڊالر مخصوص ڪيا آهن. ملاقات ۾ عملدارن وزيراعظم کي ملڪ ۾ پوليو مهم?? جي موجوده صورتحال بابت آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته ڏکڻ خيبرپختونخواهه پوليو جي خاتمي لاءِ خصوصي مهم جي شروعات به ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي خاص طور تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي ته پوليو ورڪرز جي سيڪيورٽي کي هر صورت ۾ فول پروف بڻايو وڃي. وزيراعظم صح?? واري قومي وزارت جي عملدارن کي به ايندڙ پوليو مهم جي خاتمي لاءِ مڪمل تياري ??ي هدايت ??ئي.