اسلام آباد– 25 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ڊائمنڊ ج??بل?? تمغه 2022ع جي نالي سان نئون تمغو عط?? ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر نئون تمغو عط?? ڪرڻ جي منظوري اعزاز ايڪٽ 1975ع تحت ڏني آهي. پاڪستان ڊائمنڊ ج??بل?? تمغو 2022ع پاڪ فوج، سول فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ماڻهن کي پاڪستان جي جاگرافيائي ۽ سياسي حدن جي دفاع ۾ خدمتن ۽ قربانين جي اعتراف ۾ ڏنو ويندو، تمغو عسڪريت پسندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي ۽ اندروني ۽ ٻاهرئين ??ور ت?? امن قائم ڪرڻ جي لاءِ خدمتن ۽ قربانين جي اعتراف ۾ ڏنو ويندو. اهو تمغو پاڪستان قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه 14 آگسٽ 2022ع کان نافذ العمل هوندو.