اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته سرديءَ جي موسم ۾ ٻوڏ متاثر بي گهر ماڻهن کي ڇت فراهم ڪرڻ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، سرندي وارا ماڻهو وڌي چڙهي ان ڪم ۾ حڪومت جو ساٿ ڏين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ٻوڏ متاثرين ??ي مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ هلندڙ سرديءَ ۾ بي گهر ماڻهن کي ڇت فراهم ڪرڻ هڪ وڏو چئلينج آهي. وزيراعظم مينزيز ايوي ايشن گروپ ۽ الفسپارز گروپ پاران ٽانڪ ۾ متاثرين ??ي لاءِ سئو گهرن جي عطيي ت?? انهن جا ٿورا مڃيندي چيو ته حڪومت ٻوڏ متاثرين ??ي ??حا??ي ۽ انهن کي هلندڙ سرديءَ جي موسم ۾ ڇت جي فراهمي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم ملڪ جي سرندي وارن ماڻهن کي اپيل ڪئي ت?? اهي ان ڪم ۾ وڌي چڙهي حڪومت جي مدد ڪن، اسان کي هن مشڪل وقت ۾ پنهنجي ڀينرن ڀائرن، ٻارن ۽ بزرگن کي اڪيلو نه ڇڏ?? گهرجي.