اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف 25 کان 26 نومبر 2022ع تائين ترڪيه جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪري ??هي?? آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ترڪيه جي صدر اردوان استنبول شپ ??ار?? ۾ پاڪ بحريه جي لاءِ چار ملجم ڪارويٽ جهازن مان ٽئين پي اين ايس خيبر جو افتتاح ڪندو. جمعي تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون تي ٻڌل ملجم منصوبو پاڪستان ترڪي اسٽريٽجڪ پارٽنر شپ ۾ هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته پنهنجي دوري جي دوران وزيراعظم ترڪيه جي ڪاروباري برادري جي وفد ۽ اي سي او ٽريڊ اينڊ ??يو??پمينٽ بئنڪ (اي ٽي ڊي بي) جي صدر سان ملاقات ڪندو.