اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ مان ام??اد?? اڏامن جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي، هيستائين مختلف ملڪن مان 129 اڏامون متاثرين جي لاءِ ا????اد?? سامان کڻي پاڪستان پهتيون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري انگن اکرن موجب ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ گڏيل عرب امارات مان هيستائين مجموعي طور تي 41، ترڪيه مان 14، چين ما?? 4، ازبڪستان مان هڪ، قطر مان چار، فرانس مان هڪ، يونيسيف جون ٽي، گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري (يو اين ايڇ سي آر) جي گڏيل عرب امارات جي هلائي ويندڙ 13 اڏامون، ترڪمانستان جي هڪ، اردن جي هڪ، خوراڪ جي عالمي اداري جون ٽي، آمريڪا جون 21، برطانيا جي هڪ، نيپال جي هڪ، اومان جون 8، يونان ۽ اٽلي جي هڪ، هڪ ۽ سعودي عرب جون 9 اڏامون ام??اد?? سامان کڻي پاڪستان پهتيون آهن. ان کانسواءِ ا??ران مان 100 ٽن ام??اد?? سامان ٽرڪن ذريعي پاڪستان پهتو آهي. ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ ترڪيه پاران ٽي ريل گاڏين ۽ ٻن ٽرڪن تي ٻڌل ام??اد?? سامان پاڪستان موڪليو ويو آهي. پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ تاجڪستان مان 87 ٽرڪن ذريعي ام??اد?? سامان موڪليو ويو آهي. گڏيل عرب امارات مان ام??اد?? سامان کڻي هڪ سامونڊي جهاز پڻ ڪراچي پهتو آهي.