فيصل آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي مرڪزي چيئرمين صاحبزاده زاهد محم??د قاسمي چيو ??هي ته اسان ڀارتي غاصباڻي فوجي گهيراءُ ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي ظلمن ۽ ڪشميري عوام جي خلاف ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي غيرقانوني قدمن جي مذمت سميت عالمي دنيا کان پرزور م??البو ڪريون ٿا ته هو والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج جي ظلمن جو نوٽيس وٺي ۽ ڪشمير م??ئلي جي فوري حل لاءِ پنهنجو موثر ڪردار ادا يقيني بڻائي. هو ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي فيصل آباد جي جامعيه قاسميه ۾ ٿيندڙ يڪجهتي ڪشمير ڪ??نف??نس کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته مرڪزي علماءِ ڪائونسل پاڪستان ڪشمير جي قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي ڇو ته ڪشميري خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سڄي پاڪستاني قوم ان جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل ??هي ۽ والاريل ڪشمير جي مظلوم عوام سان گڏ مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي. تقريب کي علامه شاهنواز فاروقي، قاري محمد مشتاق لاهوري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.