اسلام آباد – 23 – جون (اي پي پي) پاڪستان افغانستان ۾ شديد زل??لي جي متاثرين جي لاءِ امدادي سامان روانو ڪري ڇڏيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي پاڪستان افغانستان جي زل??لي متاثرين جي لاءِ امدادي سامان روانو ڪيو آهي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌ??ڪ چيو ته نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي پاران کيپ جو بندوبست ڪيو ويو جنهن ۾ خيما، ڪ??بل ۽ هنگامي دوائن تي ٻڌل سامان شامل آهي. پاڪستان افعانستان جي ڪجهه علائقن ۾ ايندڙ 6.1 شدت جي زل??لي کان متاثر افغان خاندانن جي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي آهي.