اسلام آباد – 26 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ آڻيندڙن لڪي رشوت جو پئسو استعمال ڪري ماڻهن کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ??اڪ??تان جي عوام سڀاڻي ان سازش کي رد ڪري ڇڏيندي، انشاءَ الله اڄ ??اڪ??تان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو ٿيندو جنهن ۾ 10 لک کان وڌ??ڪ ماڻهو عمران خان کي خراج تحسين پيش ڪندا جنهن ملڪي معيشت کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو ۽ ملڪ کي هڪ آزاد پرڏيهي پاليسي ڏني، جلسا ڪرڻ سمورين پارٽين جو حق آهي، سمورن چورن کي چئلينج آهي ته اهي گڏجي جلسو ڪري ڏيکارين ته جيئن ماڻهو به جلسن جي ڀيٽ ڪري سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن بني گالا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي س??ڌ جو گورنر عمران اسماعيل ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ عامر ڪياني پڻ موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته لکين ماڻهن جو سمنڊ اسلام آباد طرف گامزن آهي، گلگت بلتستان مان 20 ڪلوميٽر ڊگهي ريلي اسلام آباد پهچي رهي آهي. هن چيو ته گلگت بلتستان جا ماڻهو ان کان اڳ ??اڪ??تان جي س??است ۾ ايترا متحرڪ نه هئا جيترا هاڻي آهن. خيبرپختونخواهه، پنجاب، ڪراچي، بلوچستان سميت پورو ملڪ تحريڪ انصاف جي رڳن ۾ رنگج?? ويو آهي. هن چيو ته سڀاڻي 10 لک کان وڌ??ڪ ماڻهو وزيراعظم عمران خان سان يڪجهتي جو اظهار ڪندا. هن چيو ته بي اعتمادي رٿ آڻيندڙن لڪي رشوت جو پئسو استعمال ڪري ماڻهن کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ??اڪ??تان جي عوام اڄ جي جلسي ۾ ان سموري عمل کي رد ڪري ڇڏيندي. هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کانپوءِ اڄ ??اڪ??تان جي پرڏيهي پاليسي عمران خان جي ڪري آزاد آهي، ??اڪ??تاني معيشت جو ڦيٿو هلڻ شروع ٿيو آهي، ??اڪ??تان جي عوام ملڪي ترقي جي خلاف سازش ڪندڙن جي سازش ناڪام بڻائيندي. هن چيو ته سمورا رستا ۽ قافلا پريڊ لين اسلام آباد طرف آهن، جلسي جا سمورا انتظام مڪمل آهن، ميڊيا کي ڪوريج جي س??ولت ڏني پئي وڃي. اڄ کان سمورن ٽيليويزن ۽ اخبارن ۾ مقامي جلوسن جون خبرون اچڻ شروع ٿ?? ويون آهن. هن چيو ته عوام ڊسپلين قائم رکي، سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي گائيڊ لائين تي عمل ڪيو وڃي، ڪنهن به جڳهه تي رستا بند نه ڪيا وڃن، هڪ پرامن احتجاج جي ذريعي اسان پنهنجي ليڊر ۽ وزيراعظم عمران خان کي خراج تحسين پيش ڪنداسين، انشاءَ الله هي ??اڪ??تان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو ميڙ هوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جلسا ڪرڻ سمورين پارٽين جو حق آهي، سمورن چورن کي چئلينج آهي ته اهي گڏجي جلسو ڪن ته جيئن ماڻهو به انهن جلسن جي ڀيٽ ڪري سگهن. هڪ ٻئي س??ال تي ه?? چيو ته پي ٽي آءِ جي ٻن ميمبرن جو جواب اچ?? ويو آهي ته انهن پارٽي ضابطي جي خلاف ورزي ناهي ڪئي، هڪ ميمبر سان اسد عمر جي ميٽنگ ٿي رهي آهي، ان جو جواب به اچ?? ويندو، اميد آهي چار اسيمبلي ميمبرن جو جواب اڄ ئي اچ?? ويندو. هڪ ٻئي س??ال تي ه?? چيو ته ايم ڪيو ايم سان ملاقات ٿي آهي، اڄ (ق) ليگ سان ٿي رهي آهي، رات جو ٻيهر اسد عمر، پرويز خٽڪ ۽ عمران اسماعيل جي ايم ڪيو ايم سان ملاقات ٿيندي. چوڌري فواد حسين هڪ سوال تي چيو ته فيڪ نيوز وڏي بدقسمتي آهي، شهريار آفريدي ۽ غلام سرور جي ڳالهه ميڊيا تي ٽوڙي مروڙي پيش ڪئي وئي.