اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) اسلامي ترقيات?? بئنڪ (آءِ ڊي بي) گروپ جي صدر ڊاڪٽر محمد الحبير چيو آهي ته اف??انستان جي عوام جي امداد لاءِ اسلامي تعاون تنظيم ۽ امداد ڏيندڙ ملڪن ۽ ادارن کانسواءِ عالمي برادري جي ٺوس ڪوششن جي ضرورت آهي، پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن اها ڳالهه اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلا?? جي اف??تاحي سيشن کي خطاب ڪندي چئي. هن او آءِ سي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ واپاري لنگهن جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته اسلامي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي. اسلامي ترقيات?? بئنڪ جي صدر اف??انستان جي لاءِ هيومنٽرين ٽرسٽ قائم ڪرڻ جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته اهو اف??انستان جي عوام سان او آءِ سي پاران يڪجهتي جو اظهار آهي، ان فنڊ جي آپريشنل ٿيڻ سان اف??انستان ۾ انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. اسان جي ڪوشش هوندي ته فنڊز جي ذريعي ملندڙ عطين ۽ امداد جو شفاف استعمال يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته اف??انستان جي عوام جي امداد جو ڪم ڪو اڪيلو ادارو يا ملڪ اڪيلي طور نه ٿو ڪري سگهي، ان ڏس ۾ عالمي برادري کي اف??ان عوام جي ??دد لاءِ اڳتي اچڻو پوندو، اسلامي ترقيات?? بئنڪ گذريل ڊسمبر کان مسلسل ٻطرفي ترقياتي حصيدارن ۽ امداد ڏيندڙ ملڪن ۽ ادارن سان ان ڏس ۾ مشاورت ڪري رهي آهي. هن چيو ته اف??انستان جي لاءِ هيومنٽرين ٽرسٽ فنڊ تحت اف??انستان جي ڳوٺاڻن علائقن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو ڇو ته 75 سيڪڙو اف??ان ڳوٺاڻن علائقن ۾ رهن ٿا. ڳوٺاڻن ۾ علائقن ۾ زرعي پيداوار ۾ اضافي، ڇوڪرين جي تعليم، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ بجلي ۽ ٻين بنيادي ضرورتن جي فراهمي کي ترجيح ڏني ويندي. اهڙي طرح اف??انستان ۾ انساني همدردي جي بنياد تي امدادي ڪمن ۾ نجي شعبي جي شموليت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پڻ قدم کنيا ويندا. اسلامي ترقيات?? بئنڪ جي صدر چيو ته اف??انستان جي عوام جي امداد لاءِ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن، عالمي امدادي ۽ ترقياتي ادارن ۽ عالمي برادري کي اڳتي وڌڻو پوندو. اسلامي ترقيات?? بئنڪ سمورن حصيدارن ۽ عالمي برادري سان گڏجي اف??انستان جي عوام جي امداد لاءِ پرعزم آهي. هن اف??انستان جي لاءِ هيومنٽرين ٽرسٽ فنڊ ۽ اسلامي ڪانفرنس تنظيم جي وزارتي اجلا?? جي ميزباني تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا.