اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ت?? اسڪردو ۾ عالمي هوائي اڏي جي تعمير سان هي علائقو هاڻي سردين جي راندين جو هڪ عالمي مرڪز بڻجي ويندو. وزيراعظم اها ڳالهه پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چئي آهي. وزيراعظم ٽوئيٽ سان گڏ اسڪردو شهر جون تصويرون به شيئر ڪيون آهن. وزيراعظم چيو ته رات جي آغوش ?? اسڪردو جگمگائي ٿو ۽ اسان جون ٻارڙيون گلگت بلتستان ۾ بر?? تي هاڪي کيڏن ٿيون. هن چيو ت?? اسڪردو ۾ عالمي هوائي اڏي جي تعمير سان هي علائقو انشاءَ الله هاڻي سردين جي راندين جو هڪ عالمي مرڪز بڻجندو.