اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري ممل??تي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته 5 جنوري 1949ع تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ??تف??ه طور تي قرارداد منظور ڪئي جنهن ۾ ڀارت کي چيو هو ته هو ڪشميرين کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ لاءِ خود مختي??ري جو موقعو فراهم ڪري، اڄ سڄي ??ني?? سميت ڪنٽرول لائين جي ٻنهي پاسن ۾ اهو ڏينهن ڀرپور انداز ۾ ملهايو پيو وڃي. ممل??تي وزير فرخ حبيب 5 جنوري خودمختي??ري جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ چيو ته 5 جنوري 1949ع تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ??تف??ه طور تي قرارداد منظور ڪئي جنهن ۾ ڀارت کي چيو ويو هو ته هو ڪشميرين کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ لاءِ خود اراديت جو موقعو فراهم ڪري. ممل??تي وزير چيو ته ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن ۾ پاڻ ڀارت کڻي ويو هو ۽ ڀارت ??تف??ه قرارداد جي ذريعي سڄي ??ني?? سان وچن ڪيو هو ته هو ڪشميرين کي راءِ شم??ري جو حق ڏيندو. هن چيو ته ڪشمير جي بي گناهه پر غيور عوام ڀرپور جذبي سان تحريڪ هلائي، فرخ حبيب چيو ته ڀارتي فوج ڪشميرين جي خلاف رياستي دهشتگردي جو بدترين سلسلو ج??ري رکيو آهي، ممل??تي وزير چيو ته يورپي يونين سميت عالمي برادري ڀارت تي زور ڏنو آهي ته هو والاريل رياست ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون بند ڪري ۽ ان مسئلي جو ڪو اهڙو حل ڪڍيو وڃي جيڪو سمورين ڌرين لاءِ قبول جوڳو هجي.