اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته ملڪ جو آئين سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽنگ جو حق ڏي ٿو، ان سلسلي ۾ هڪ آسان آن لائين طريقيڪار ذريعي ايندڙ عام چونڊن ج?? لاءِ ووٽنگ ۾ انهن جي شموليت کي ي??يني بڻائڻ ج?? لاءِ ڪوششون جاري آهن. ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي خطاب ڪندي صدر چي?? ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جو قومي معيشت ۾ اهم ڪردار آهي، انهن کي انهن جي راءِ جي حق کان محروم ڪرڻ انهن سان وڏو امتيازي سلوڪ ٿي سگهي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته ??لي??شن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) شفاف طريقي سان ووٽر لسٽن جي تيار?? لاءِ تعاون ڪري رهيا آهن. هن چي?? ته سمنڊ پار پاڪستانين ج?? لاءِ پوسٽل بيلٽ ۽ سفارتخانن ۾ عملي پولنگ جي ذريعي ووٽ ڏيڻ جي حوالي سان ڏکيائيون آهن، انٽرنيٽ ووٽنگ ٻاهرئين ملڪ رهندر پاڪستانين ج?? لاءِ ووٽ وجهڻ جو سڀ کان آسان ۽ قابل عمل طريقو آهي. هن زور ڏنو ته پاڪستان کي ??لي??ٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي استعمال سميت مختلف شعبن ۾ ترقي ج?? لاءِ نئين ٽيڪنالاجيز کي اختيار ڪرڻ گهرجي. آنل ائين ووٽنگ جي تفصيل بابت هن چي?? ته حڪومت ويجهي مستقبل ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين ج?? لاءِ 5، 6 ڏينهن ج?? لاءِ رجسٽريشن ونڊو کولي ڇڏيندي. هن چي?? ته داخلا کانپوءِ نادرا جي ووٽر لسٽ ۾ شامل ٿيڻ تي ملڪ جي مقامي فهرستن ۾ ٻٽي شهريت رکندڙن جو نالو گري آئوٽ ٿي ويندو، ان کانسواءِ سمارٽ فونز جي ذريعي ووٽنگ جي رازداري سان استعمال ڪرڻ ج?? لاءِ هڪ ڪوڊ مل??دو. هن وڌيڪ چي?? ته غيرشفافيت جي خدشي تي ضابطو آڻڻ ج?? لاءِ وڌل ووٽن جي الگور ٿم کي ملايو وي??دو. ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته هن هڪ آڊٽ سستم لڳائڻ جي تجويز ڏني هئي جنهن ج?? لاءِ پاس ورڊز چي?? ??لي??شن ڪميشن ۽ چي?? جسٽس آف پاڪستان ٻنهي کي ڏئي سگهجي ٿي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪ موثر آڊٽ سسٽم آن لائين ووٽنگ سسٽم جي هيڪنگ کي روڪي سگهي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته سمنڊ پار پاڪستانين ج?? لاءِ ووٽنگ جي عمل کي آسان بڻائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي ڄاڻ ۽ مهارت کي ملڪ ۾ پنهنجي هم وطنن سان شيئر ڪن ته جيئن انهن کي دنيا ۾ سبقت حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي. ان موقعي تي وزيراعظم جي سياسي معاملن واري خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل پنهنجي خطاب ۾ چي?? ته سمنڊ پار پاڪستانين جي حقن ج?? لاءِ صدر ۽ وزيراعظم جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.