اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان والاريل ڪشمير جي عوام کي انساني بنيادن تي امدا?? جي فراهمي تي زور ڏيندي چيو آهي ته گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڪشمير مسئلي جو حل خطي جي پائيدار امن جي لاءِ ضروري آهي، مسلمان امت پاران ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي مسلسل تائيد ساراهه جوڳي آهي، او آءِ سي، گڏيل قومن، عالمي تنظيمن ۽ ميڊيا نمائندن کي والاريل ڪشمير ۾ پهچ ڏني وڃي ته جيئن عالمي نمائندا والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي آزاداڻي تحقيقاتي رپورٽ پيش ڪن، مسلمان امت اسلامو فوبيا سميت انتهاپسنداڻي نظرين جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي صفن ۾ اتحاد پيدا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڄمون ۽ ڪشمير بابت اسلامي تعاون تنظيم جي خصوصي نمائندي يوس?? الدوبي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي انساني حقن بابت اسسٽنٽ سيڪريٽري طارق بخيت ۽ او آءِ ??ي جي وفد جا سينيئر ميمبر پڻ موجود هئا. وزي??اع??م عمران خان ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي او آءِ ??ي جي اصولي موقف جي اهميت ۽ ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي انهن جي منصفاڻي جدوجه?? جي لاءِ مسلمان امت جي پرعزم حمايت جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزي??اع??م عمران خان ڀارت پاران غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران ڪيل ظلمن کي اجاگر ڪندي چيو ته والاريل علائقي ۾ 9 لک کان وڌيڪ ڀارتي فوجي مقرر آهن جيڪو دنيا جو سڀ کان وڌيڪ عسڪري علائقو بڻجي ويو آهي. وزي??اع??م ان ڳالهه تي زور ڏنو ته 5 آگسٽ 2019ع ??ان ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن جو مقصد ڪشميرين کي راءِ جي حق کان محروم ڪرڻ ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ آهي ته جيئن ان علائقي کي هندو اڪثريتي علائقي ۾ تبديل ڪري سگهجي. وزي??اع??م چيو ته اهي غيرقانوني قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ عالمي قانون بشمول چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي سڌي سنئين خلاف ورزي آهي. وزي??اع??م او آءِ سي، گڏيل قومن ۽ انساني حقن جي ٻين تنظيمن کي عالمي ميڊيا کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو ڪرڻ ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جي آزاداڻي جاچ ۽ رپورٽنگ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. هن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي انساني امداد ۽ مدد فراهم ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. وزي??اع??م اسلامو فوبيا کي هوا ڏيندڙ انتهاپسنداڻي سياسي نظرين جي ڪري درپيش چئلينجز جي خلاف اسلامي دنيا کي مضبوط اتحاد پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن عالمي تڪرارن ۽ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين سميت پراڻن تڪرارن جي پرامن حل جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وزي??اع??م ان عزم کي ورجايو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو منصفاڻو حل ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ بنيادي شرط آهي.