اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي آءِ ايم ايف جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽيلينا ??ار??يوا خط موڪليو آهي جنهن ۾ افغانستان مان پنهنجي اسٽاف ۽ ان جي وارثن جي واپسي جي حوالي سان مثبت ڪردار تي پاڪستان جو ٿ??رو ادا ڪيو ويو آهي. آءِ ايم ايف جي مينيجنگ ڊائريڪٽر افغانستان مان واپسي جي حوالي سان پاڪستان جي اهم ڪردار تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته انتهائي مشڪل و??ت ۾ افغانستان مان آءِ ايم ايف اسٽاف ۽ سندس خاندانن جي حفاظت سان واپسي تي دل جي گهراين سان شڪر گذار آهيان، آءِ ايم ايف جي ايم ڊي ڪرسٽيلينا ??ار??يوا وزيراعظم جي نالي خط ۾ پرڏيهي وزير، ناڻي واري وزير، دفاع واري وزير ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جي ڪردار کي به ساراهيو آهي. هن چيو ته مشڪل و??ت ۾ واپسي جي حوالي سان پاڪستان پاران اعليٰ سطح تي ڪيل ڪوششون اهم اهميت رکندڙ آهن، هن چيو ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ پارٽنرشپ تي ٿورائتا آهيون ۽ ان تعاون جي تسلسل جا خواهشمند آهيون، ڪرسٽيلينا ??ار??يوا وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستاني عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيو.