اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) قومي ??لامتي ڪميٽي ان عزم جو اظهار ??يو آهي ته پاڪستان سمورن ا??غان گروپن جي نمائندگي رکندڙ ٺوس سياسي حل جي لاءِ پرعزم آهي جيڪو اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي ۽ عالمي ??رادري ۽ سمورين ا??غان ڌرين سان گڏجي ٺوس سياسي حل جي لاءِ ڪم ڪندو رهندو. قومي ??لامتي ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو جيڪو افغانستان ?? پيدا ٿيندڙ صورتحال تي غور فڪر جي لاءِ طلب ڪيو ويو هو. اجلاس ۾ سينيئر ??ابينا ميمبرن ۽ سروسز چيفس شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن کي افغانستان ?? تازي اڳڀرائي ۽ ان جي پاڪستان ?? خطي تي ممڪن اثرن تي بريفنگ ڏني وئي. خطي جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. قومي ??لامتي ڪميٽي نوٽ ڪيو ته پاڪستان ا??غانستان ?? ڏهاڪن تي ٻڌل جاري تڪرارن سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي تنهن ڪري هو خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته عالمي ??رادري پاڪستان جي چار ??هاڪن کان ڏني ويندڙ قربانين جو اعتراف ڪري. شرڪت ڪندڙن ا?? عزم کي ورجايو ته پاڪستان ا??غانستان ?? سمورن ا??غان گروپن جي نمائندگي رکندڙ ٺوس سياسي حل جي لاءِ پرعزم آهي جيڪو اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي. اجلاس ۾ ان ڳالهه کي به ورجايو ويو ته پاڪستان عالمي ??رادري ۽ سمورين ا??غان ڌرين سان گڏجي ٺوس سياسي حل ۾ سهولت جي لاءِ ڪم ڪندو رهندو. ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته افغانستان ?? عدم مداخلت جي اصول تي سختي سان قائم رهڻ گهرجي. ڪميٽي ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ??يو ته هيستائين تشدد جي ڪنهن وڏي واقعي کي ٿيڻ نه ڏنو ويو ۽ افغانستان ?? سمورين ڌرين تي زور ڏنو ويو ته قانون جي عملداري جو احترام ڪيو وڃي، سمورن ا??غانين جي بنيادي انساني حقن جو تحفظ ڪيو وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ڪا به دهشتگرد تنظيم يا گروهه افغان سرزمين کي ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ڪري سگهي. وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته افغانستان مان نڪرڻ جي خواهشمند سمورن پاڪستانين، سفارتڪارن، صحافين ۽ عالمي ??نظيمن کي واپس آڻڻ جي لاءِ سمورين ممڪن سهولتن کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم ان ڏس ۾ ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۽ رياستي مشينري جي جاري ڪوششن کي ساراهيو. ڪميٽي پاڪستان جي موقف کي ورجايو ته افغانستان ?? تڪرار جو ڪڏهن به ڪو فوجي حل نه هو، تڪرار ??ي ڳالهين ذريعي ختم ڪرڻ جو بهترين وقت اهو ٿي سگهيو پئي جڏهن آمريڪا ۽ نيٽو جي فوج ڀرپور عسڪري طاقت سان ا??غانستان ?? موجود هئي. افغانستان ?? پرڏيهي فوج جي وڌيڪ ڊگهي عرصي تائين موجودگي سان به ڪي مختلف نتيجا نه نڪرن ها تنهن ڪري بائيڊن ا??تظاميا پاران فوج جي واپسي جي حوالي سان گذريل آمريڪي انتظاميا جي فيصلي جي توثيق حقيقت ۾ ان تڪرار جو منطقي حل آهي. ڪميٽي چيو ته عالمي ??رادري جي لاءِ هي وقت آهي ته اها افغانستان ?? پائيدار امن، سيڪيورٽي ۽ افغانستان ?? خطي جي ترقي جي ٺوس سياسي حل کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان گڏجي ڪم ڪري.