اسلام آباد – 07 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته اسان نئين پاڪستان طرف وڃي رهيا آهيون، تعميري ميڊيا سان سٺا خيال پروان چڙهندا ۽ اسلامو فوبيا جي خاتمي ۾ مدد ملندي، ميڊيا ۽ مسجدون قوم جي تربيت ۽ ڪردارسازي ۾ اهم مقام رکن ٿيون، ڀارت پاڪستان جي خلاف جعلي خبرون ٺاهيون ۽ انهن کي دنيا ۾ ڦهلايو، پاڪستان بدعنواني جي ڪري مالي لحاط کان پٺتي رهجي ويو پر ذهانت ۾ دنيا جي ڪنهن ملڪ کان گهٽ نه آهي، اطلاعات واري وزارت کي ان جي 8 ذيلي ادارن کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو، ??ن جو ڪريڊٽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ڏانهن وڃي ٿو، ??قيقتن جي ابتڙ خبرن جي نشر ۽ اشاعت پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ هڪ وڏو مسئلو بڻجي چڪو آهي، ٽيڪنالاجي جي مثبت ۽ تعميري استعمال سان اسلامو فوبيا جو مقابلو ٿيندو ۽ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو وقار بلند ٿيندو، ??وفي ازم ۾ سڀ کان وڌيڪ محبت جو درس ڏنو وڃي ٿو، پاڪستان 35 لک افغان پناهگيرن کي پناهه ڏني جنهن جو سڄي دنيا ۾ مثال نه ٿو ملي پر اسان کي درس ڏيندڙ اولهه ملڪ پناهگيرن کي سمنڊ جي لهرن جو نشانو بڻجڻ ڏين ٿا ۽ انهن کي پناهه نه ٿا ڏين. هو پاڪ چائنا سينٽر ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي 8 ذيلي ادارن جي ڊيجيٽلائيزيشن جي منصوبي نيشنل ڊيجيٽل انفارميشن پليٽ فارم ”اين ڊي آئي پي“ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ خاتون اول ثمينه علوي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، وفاقي وزير شيرين مزاري، وزيراعظم جي احتساب ۽ گهرو معاملن واري خاص معاون شهزاد اڪبر، وزيراعظم جي سنڌ معاملن واري خاص معاون ارباب غلام رحيم، اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد، پريس انفارميشن آفيسر سهيل علي خان، اي پي پي جي ايم ڊي مبشر حسن، پي ٽي وي جي ايم ڊي، ڊي جي پي بي سي سميت ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جي قيادت ۾ پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان، اي پي پي، پيمرا، پي آئي ڊي، ڊيجيٽل ميڊيا ونگ ۽ ميڊيا يونيورسٽي جي حوالي سان تقريب ۾ شرڪت خوشي جوڳي آهي. هن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير کي قومي ميڊيا جي ڊيجيٽلائيزيشن تي مبارڪباد ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته پي ٽي وي جڏهن شروع ٿي ته اها بليڪ اينڊ وائيٽ هئي ۽ ان جي نشريات محدود وقت جي لاءِ هوندي هئي، پوءِ پي ٽي وي رنگين ٿي ۽ ان کانپوءِ پي ٽي وي جو سنهري دور شروع ٿيو ۽ اسان جا ڊراما سڄي دنيا ۾ ڏٺا ويندا هئا ۽ انتهائي مقبول به هئا. هن چي?? ته ان دور ۾ پاڪستان ٽيليويزن جي پروڊڪشن جو ڪو ثاني نه هو. پي ٽي وي وڏا وڏا فنڪار پيدا ڪيا آهن ۽ معين اختر کان وڏو ڪاميڊين مون دنيا ۾ نه ڏٺو. صدر چي?? ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ دنيا ترقي ڪري وئي پر پي ٽي وي ايڇ ڊي تي منتقل نه ٿي سگهي. هن چي?? ته جڏهن اسان حڪومت ۾ آياسين ته ان حوالي سان ڪم شروع ڪيو، هن چي?? ته چوڌري فواد حسين مبارڪباد جو مستحق آهي جنهن قومي ميڊيا کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جو قدم کنيو آهي. چوڌري فواد حسين جتي به وڃي ٿو تهلڪو مچائي ڇڏي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته حقيقتن جي ابتڙ ۽ ڪوڙين خبرن سان دنيا پريشان آهي. هن چي?? ته خدا تعاليٰ به غلط خبر بابت هدايت ڪئي آهي ته جيڪڏهن ڪنهن شيءَ تي شڪ هجي ته تحقيق ڪرڻ گهرجي. هن چي?? ته فيڪ نيوز هن وقت دنيا تي ڀاري ٿي چڪي آهي ۽ پاڪستان تي به ان جو حملو جاري آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته غلط خبرون دنيا ۾ تباهي مچائين ٿيون ۽ عراق ۾ وڏي پئماني تي تباهي ڦهلائيندڙ هٿيارن جي موجودگي جون ڪوڙيون خبرون ڏنيون ويون اتي ڪيميڪل ليب جي موجودگي جي دعويٰ به ڪوڙي نڪتي، عراق پاران يورينيم خريد ڪرڻ جون ڳالهيون به ڪوڙ نڪتيون، ان ڪوڙ تي ٻڌل خبرن کي بن??اد بڻائي پوري دنيا کي گمراهه ڪيو ۽ دنيا عراق تي بمباري جي اجازت ڏني. غلط خبرن جي بن??اد تي ئي عراق ۾ تباهي مچائي وئي ۽ لکين انساني جانين جو زيان ٿيو، ??ضرت محمد ﷺ جو آخري خطبو هڪ لک جي ميڙ ۾ ٻڌو ويو جتي نبي ﷺ جي ڳالهه اڳتي ٻڌائڻ جي لاءِ يقينن مڪبر ذميواري ادا ڪري رهيا هئا ان کانپوءِ اذان جو آواز پري تائين ٻڌڻ جي لاءِ مسجدن جا مينار تعمير ڪيا ويا پوءِ لائوڊ اسپيڪر ان جي ??ڳه?? ورتي اهي سڀ ڪميونيڪشن جا ذريعا هئا. هن چي?? ته شعريت اسلام جا بن??ادي قانون آهن جڏهن ته صوفي ازم سان ذڪر الاهي جي ذريعي الله تعاليٰ سان تعلق پيدا ڪيو وڃي ٿو، ??وفي ازم ۾ خدا جي ذڪر جو وڏو ا??م ڪردار آهي ۽ ننڍي کنڊ ۾ اسلام صوفين جي محبت سان ئي پکڙيو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته اڄ ميڊيا جو دور آهي ۽ جيڪڏهن خبر سان گڏ تصوير هجي ته خبر جو وڌيڪ اثر ٿئي ٿي. هن چي?? ته ڪشمير جي مسئلي جو حل ۽ اسلامو فوبيا جو مقابلو ميڊيا سان ئي ٿيندو ڇو ته ميڊيا ذهن بدلائڻ ۾ ا??م ڪردار ادا ڪري ٿي، بيانيي جي جنگ اهميت اختيار ڪري چڪي آهي. صدر اميد ظاهر ڪئي ته پي ٽي وي قائداڻو ڪردار ادا ڪندي قوم جي تربيت ڪندي ۽ ٻي ميڊيا به ان جي پوئيواري ڪندي. هن چي?? ته ٽيڪنالاجي جي مثبت ۽ تعميري استعمال سان اسلامو فوبيا جو مقابلو ٿيندو ۽ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو وقار بلند ٿيندو. ڪوڙين ۽ جعلي خبرن جي ذريعي عالمي ميڊيا تي پاڪستان کي نشانو بڻايو پيو وڃي، جعلي خبرن جي بن??اد تي عراق تي حملو ڪري لکين ماڻهن کي ماريو ويو. هن چي?? ته سوشل ميڊيا ۾ پي ٽي آءِ جنهن جي باني ميمبرن ۾ شامل آهيان سڀ کان اڳتي هئي، مون ٽوئيٽر جو استعمال 2007ع کان شروع ڪيو، ??حريڪ انصاف 2010ع ۾ پنهنجي مرڪزي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ وڊيو ڪانفرنس جو استعمال ڪيو جڏهن اسان جي حڪومت آئي ته ڊيجيٽل ميڊيا ونگ جي حوالي سان بار بار ڳالهه ٿي، دنيا ميڊيا جي آهي، فلسطين ۾ ٿيندڙ ظلم جيڪڏهن تصوير ۾ ڏٺو وڃي ته ان جا وڌيڪ اثر ٿين ٿا. شامي پناهگير ٻار جي روم سمنڊ جي ڪناري لاش جي تصوير سڄي دنيا ۾ پکڙي جنهن سان دنيا کي خبر پئي ته اهي ملڪ پناهگيرن کي ٻڏڻ ڏين ٿا پر انهن جي ميزباني نه ٿا ڪري سگهن، پاڪستان 35 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري چڪو آهي. هن چي?? ته مسلمانن کي دنيا آڏو پنهنجو بيانيو ڏيڻو پوندو. هن فواد چوڌري کي مخاطب ڪندي چي?? ته ڊراما نگار حسينه معين پنهنجي لاڏاڻي کان ڪجهه ڏينهن اڳ اسان جي گهر آئي ته هن چي?? ته پي ٽي وي کي بهتر بڻايو وڃي. صدر چي?? ته جهڙي طرح پاڪستان ڪرڪيٽ ۾ پي ايس ايل ۽ ڪي پي ايل ڪرائي رهيو آهي اهڙي طرح هاڪي ۾ به اهڙن ئي قدمن جي ضرورت آهي، اسان کي ڪمرشلائيزيشن طرف وڃڻ جي ضرورت آهي، ڪٻڊي کي جديد بن??ادن تي قائم ڪيو وڃي، ڀارت ائين ڪيو ته چي?? جي هڪ ڪمپني ان جا رائيٽ 30 ڪروڙ ڊالر ۾ خريد ڪيا، راندين جي فروغ ۾ وڏي گنجائش آهي، پي ٽي وي کي ان ڏس ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ??ن کي سٺا پروگرام ۽ ڊراما ڏيکارڻا پوندا، عورت تي تشدد تي ٻڌل جيڪي ڊراما ڏيکاريا پيا وڃن اهي اسان جو ڪلچر نه آهي، حقيقت ۾ اسلام ۽ اسان جي معاشري عورت کي جيڪو مقام ڏنو آهي ان تي ٻڌل ڊراما ٺاهيا وڃن. هن چي?? ته قوم جي تربيت جو فرض اڪيلي عمران خان جي ذميواري نه آهي ان ۾ مسجدون بن??ادي ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، سٺا خطبا ڏئي سگهجن ٿا، ميڊيا ان ۾ بن??ادي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. هن چي?? ته هاڻي اشارا نظر اچي رهيا آهن ته قوم بڻجي رهي آهي، ڪورونا وبا دوران اسان سٺن فيصلن سان ان تي ضابطو آندو، ??سان جي پاڙيسري ملڪ غلط فيصلا ڪيا، وزيراعظم عمران خان جي ڪورونا جي حوالي سان فيصلن ۾ غريب جي لاءِ همدردي جو عنصر به شامل هو، ??نيا ان کي ڪامياب قرار ڏنو. هن چي?? ته اسان جا قدم نئين پاڪستان طرف وڃي رهيا آهن، انشاءَ الله اسان پنهنجي زندگي ۾ نئون پاڪستان ڏسنداسين. هن چي?? ته تعميري ميڊيا سان سٺا خيال ايندا ۽ دنيا ۾ پکڙيل اسلامو فوبيا جو خاتمو ٿيندو.