اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلام آباد سيڪيورٽي ڊائيلاگ جي افتتاحي سيشن ۾ پنهنجي نوعيت جي پهرين پاليسي ايڊوائيزري پورٽل جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، اهو پورٽل 100 کان ??ڌيڪ ٿنڪ ٽينڪس، دانشورن ۽ ماهرن کي پاليسي سازي ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ نيشنل سيڪيورٽي ڊويزن تيار ڪيو آهي. ايڊوائيزري پورٽل جو افتتاح ڪندي وزيراعظم عمران خان ان ??دم جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان جا نوجوان انتهائي باصلاحيت آهن پر ??نه?? جو قد?? نٿو ڪيو وڃي، هن چيو ته پورٽل ??و قيام صحيح رخ ۾ هڪ قدم آهي.