اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان اڳوڻي پارلياماني سيڪريٽري خلي?? جارج جي سربراهي ۾ اقليتي برادري جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خلي?? جارج، سردار رنجيت ??نگهه، ولسن وزير ۽ اقليتي برادري جا ٻيا ميمبر شريڪ هئا. ان موقعي ت?? صدر چيو ته پاڪستان ۾ اقليتي برادري کي برابر شهري حق حاصل آهن، حڪومت اقليتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڀارت ۾ اقليتن کي رياستي دهشتگردي درپيش آهي. ان موقعي ت?? ڳالهائيندي خلي?? جارج چيو ته اقليتي برادري هر فورم تي اقليتن جي خلاف ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي ظلمن کي اجاگر ڪندي ت?? جيئن ڀارت جو اصل چهرو بي نقاب ٿي سگهي. سردار رنجيت ??نگهه چيو ته ڪرتارپور لنگهه کولڻ تي سک برادري پاڪستان جي حڪومت جي ت??ام گهڻي ٿورائتي آهي.