اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان القادر يونيورسٽي جي تعمير جو ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڄاڻايل يونيورسٽي ۾ نوجوان ن??ل کي سيرت النبي صه جي مختلف رخن ۽ صوفين جي تعليم کان روشناس ڪرائڻ سان گڏوگڏ جديد تعليم جي پڻ منصوبابندي ڪئي وڃي ته جيئن شاگردن کي موجوده ??قت جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مڪمل طور تي تيار ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيرت النبي صه ۽ صوفين جي تعليم جي فروغ جي حوالي سان تعمير ڪئي و??ندڙ القادر يونيورسٽي قائم ڪرڻ ۾ اڳڀرائي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير سينيٽر شبلي فراز، بئريسٽر علي ظفر، برگيڊيئر (ر) جميل سرور ملڪ ۽ ٻيا شريڪ هئا. وزيراعظم کي القادر يونيورسٽي قائم ڪرڻ ۾ هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي بابت ت??صيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب وزيراعظم عمران خان اسلامي قدرن ۽ صوفين جي تعليم جي فروغ جي اهميت ت?? زور ڏيندي چيو ته معاشري جي اصل روح ۽ معاشرتي قدرن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته نوجوان ن??ل کي سيرت النبي صه جي مختلف رخن ۽ صوفين جي تعليم کان روشناس ڪرايو وڃي.