اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، ا??ن سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 670 مريضن جا ٽيسٽ مثب?? آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 6 ماڻهو ڪورونا جي ڪري فوت ٿيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 24 هزار 22 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 9 هزار 774، پنجاب ۾ 8 هزار 124، خيبرپختونخوا ۾ هڪ هزار 876، اسلام آباد ۾ 2 هزار 873، بلوچ??تا?? ۾ 978، گلگت بلت??تا?? ۾ 223، آزاد ڪشمير ۾ 165 ٽيسٽ ڪيا ويا، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 66 هزار 301 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچ??تا?? ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽيليٽرز تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي لاءِ مختص ٿيل هڪ هزار 920 وينٽيليٽرز تي 141 ڪورونا جا مريض آهن، هن وقت ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن جي دوران ڪوورنا جا ??يڪٽو ڪيسن جو تعداد 16 هزار 248 آهي، هيستائين ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 2 لک 88 هزار 717 آهي، جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 181، بلوچ??تا?? ۾ 12 هزار 224، گلگت بلت??تا?? ۾ 2 هزار 486، اسلام آباد ۾ 15 هزار 378، خيبرپختونخوا ۾ 35 هزار 153، پنجاب ۾ 95 هزار 391 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 25 هزار 904 مريض آهن.